تاج بانو براهوئي

تاج بانو براهوئي:تاج بانو براهوئي'> تاج بانو براهوئي پهرين جنوري 1915ع تي ڳوٺ دين پور شريف، تعلقي ۽ ضلعي شڪارپور ۾ علامه حاجي براهوئي دينپوري جي گهر ۾جنم ورتو. هن ابتدائي ديني تعليم پنهنجي والد صاحب کان حاصل ڪئي. مڪمل طور تي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ ِوالد صاحب سندس شادي ڪرائي، جيئن ته سندس والد بزرگ جيد عالم، اديب ۽ شاعر هو، ان ڪري تاج بانو به شاديءَ کانپوءِ ديني ۽ ادبي ڪمن ۾ اڳڀري ٿي. هن پنهنجي ڳوٺ ۾ عورتن جي لاءِ ’مدرسه اسلاميه البنات براهوئيه دين پور‘ نالي هڪ مدرسو قائم ڪيو، جتي نياڻين ۽ عورتن کي تعليم ڏيڻ لڳي. تاج بانو جي شادي سندس ويجھي عزيز مولانا جلال الدين پندراڻي سان ٿي هئي، جنهن مان کيس ٻن پٽن ۽ هڪ نياڻيءَ جو اولاد ٿيو. سندس اها نياڻي به پنهنجي وقت جي سٺي اديبه ۽ شاعره هئي، جا خليفه جي نالي سان مشهور هئي، جنهن جو اصل نالو امت الواجد هو. هوءَ به پنهنجي امڙ سان هر موڙ تي ديني ۽ ادبي خدمتن ۾ شامل رهندي هئي. تاج بانو جا سنڌي، براهوئي، بلوچي، فارسي ۽ اردو ٻولين ۾ اٽڪل پنجاهه ڪتاب لکيل آهن. هن پنهنجي ڳوٺ دين پور شريف ۾ پنهنجي مدرسي مان ادبي ديني درس ۽ تدريس لاءِ ڪيترائي ڪتاب لکيا ۽ مدرسه اسلاميه البنات براهوئيه دين پور، جي ڪورس ۾ شامل ڪيائين. سندس پهريون ڪتاب ’تاريخ النسوان‘ (حصو پهريون) 1353هه/1934ع ۾ تاج بانو جي براهوئي ٻوليءَ ۾ شايع ٿيل ڪتابن ۾ ’تواريخ النسوان‘ (حصو پهريون) 1353هه/1934ع ۽ ’تواريخ النسوان‘ (حصو ٻيو) 1354هه/1935ع شامل آهن. ان کان علاوه سندس ڪيترائي اڻڇپيل ڪتاب آهن. ڇپيو. وٽانئس ڪيتريون ئي نياڻيون علم واري زيور سان آراسته ٿيون.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1915.00.00  عيسوي

تاج بانو براهوئي پهرين جنوري 1915ع تي ڳوٺ دين پور شريف ، شڪارپور ۾ جنم ورتو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

غلام فاطمه شيخ
امام بري
حڪيم فضل محمد
ڊيموڪِرِيٽَس يوناني فلاسافر
قاسم سنڌي پاٽائي
شيخ عبدالعزيز
پير نظام الدين سرهندي
اقبال جوڳي
دودو سومرو
الهه بچايو کوسو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون